چونڊون ويجهو اچڻ سان وڌيڪ پينڊورا باڪس کُلي ويندا: خورشيد شاھ

0
377

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاھ چيو آھي تھ چونڊون ويجهو اچڻ سان وڌيڪ پينڊورا باڪس کُلي ويندا،مريم اورنگزيب سان پهريون ڀيرو ملاقات ناهي ٿي، سياستدان دشمنن سان به ملندا رهندا آهن، پارٽي قيادت ڇو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي، پي ٽي آءِ جا وزير پ پ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا

 پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته آسمان تان لاٿل ماڻهو اقتدار جون واڳون نٿا سنڀالي سگهن،حڪومت ڪرڻ سياستدانن جو ڪم آهي، موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي.

سينٽرل جيل مان اسپتال منتقلي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هاڻي سڀني کي احساس ٿي ويو ته اهڙي حڪومت جي چنبي ۾ ڦاسي پيا آهيون، جنهن احساس پروگرام ته آندو پر عوام جو احساس نٿي رکي، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين وارو بيان شهيدن جي پونيئرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي.