ٽوڪيو(دلچسپ نيوز) جاپان جي 107 ورهين جي جاڙين ڀينرن انوکو رڪارڊ ٺاهي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان ۾ امينو سومياما ۽ ڪومي داما نالي جاڙيون ڀينرون 5 نومبر1913 تي پيدا ٿيون ۽ هن وقت سندن عمر 107 سال آهي. پهرين سيپٽمبرتي ٻنهي ڀينرن وڌيڪ عمرماڻيندڙجاڙين ڀينرن جوعالمي رڪارڊ جوڙي ورتو ڇاڪاڻ ته پهرين سيپٽمبر تي سندن عمر 107 سال 300 ڏينهن بڻجي وئي. ان حوالي سان گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ جي انتطاميا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀينرن ناريتا ۽ جن ڪني جو قائم ڪيل رڪارڊ ٽوڙيو آهي جن 107 سال ۽ 175 ڏينهن عمر ماڻي هئي.گنيز بڪ انتظاميا موجب ڪورونا سبب اسان في الحال ٻنهي ڀينرن سان سرڪاري طور ملاقات ڪري سرٽيفڪيٽس نه ڏئي سگهيا آهيون انڪري سندن گهر سرٽيفڪيٽ پهچايا ويا آهن.