لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن ظفر علي تونيو، ڊاڪٽر احسان علي بگٽي، ڊاڪٽر معين علي، ڊاڪٽر اسامه سومرو، ڊاڪٽر صنم شيخ، ڊاڪٽر ڪنول  شاهه، ڊاڪٽر حاجره، ڊاڪٽر انعم، ڊاڪٽر ذواليخان عباسي جي اڳواڻي ۾ مستقليءَ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته صحت کاتي طرفان سال 2019ع دوران اسان کي ڪورونا وائرس سان منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن کي ڀرتي ڪيو ويو ٻن سالن تائين اسان ڪورونا سان جنگ وڙهي پنهنجون حياتيون خطري ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ ان دوران سنڌ حڪومت اسان کي مستقل ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي پر هن وقت تائين مستقل ٿي نه سگهيا آهيون.