ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) مبينا اغوا ٿيل 9 ورھين جي نياڻي فوزيه خاصخيلي واري ڪيس کي پوليس اي ڪلاس ڪرڻ جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏي، عدالت درخواست منظور  ڪندي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ کاڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن مري  جي رھواسڻ 9 ورھين جي فوزيه خاصخيلي ساڍا چار مھينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي وئي ھئي، جنھن بعد سندس والد  نظر محمد جي فرياد تي قلم 364 اي تحت کاڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن کي اي ڪلاس ڪرڻ لاءِ جاچ آفيسر ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنھن ۾ ھنن ڄاڻايو ته مغوي فوزيه کي ڪي اڻڄاتل ماڻھو کڻي ويا آھن، جڏھن ته ڪيس ۾ ڪنھن کي به نامزد نه ڪيو ويو آھي، شڪ تحت 2 جوابدار طالب حسين ۽ عابد حسين ڪٽوھڙ کي گرفتار ڪري ٽن ڏينهن جي رمانڊ وٺي پڇاڳاڇا ڪئي، پر انھن کان تفصيل ملي نه سگھي ۽ بي ڏوھي ھئڻ تحت کين ڇڏي ڏنو، ڪيس ۾ جوابدارن ۽ نينگري جي ڳولا جي جاچ جاري آھي، اڳڀرائي ٿيندي ته عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو، پيشين کان آجو ڪيو وڃي، معزز عدالت اھڙي درخواست منظور ڪندي نينگري جي فوري بازيابي لاءِ تحرڪ وٺڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ھوڏانھن فريادي ڌر جي وڪيل قلندر بخش لغاري  ٻڌايو ته پوليس پنھنجي نااھلي لڪائڻ لاءِ ڪيس کي اي ڪلاس ڪري ڪيس مان آجي ٿيڻ چاھي ٿي.