سيوھڻ (ن پ ا) سنڌ ايجوڪيشن کاتي پاران آء بي سکر جي انٽري ٽيسٽ ۾ پاس مارڪون ڏيڻ جي حوالي سان غلط ۽ ڊبل پاليسي رکڻ خلاف سيوھڻ شھر جي پي ايس ٽي ٽيسٽ  ڏيندڙ اميدوارن پاران سميرا بلوچ, عمير کوسو, جاويد احمد سولنگي, ظفر ڀٽي ۽ شمائلا بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سيوھڻ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاھرين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھارڊ ايرياز جي نالي تي 33 کان 45 مارڪون کڻندڙ من پسند ماڻھن کي سليڪٽ ڪري سموري سنڌ جي 40 کان 55 مارڪون کڻندڙ اميدوارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ھارڊ ايريا واري پاليسي کي ختم ڪري سموري سنڌ جي پي ايس ٽي اميدوارن کي برابري جو حق ڏنو وڃي جڏھن تـ سيوھڻ به ھارڊ ايرياز ۾ شامل ٿئي ٿو ڇو جو سيوھڻ ۾ بـ ڪا يونيورسٽي يا فيڪٽري نه آھي انجي باوجود بـ اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ھنن وزيراعلي سنڌ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته سيوھڻ تعلقي کي به ھارڊ آيريا ۾ شامل ڪيو وڃي.