لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) پ پ لاڙڪاڻي جي جيالين طرفان پارٽي طرفان نظرانداز ڪرڻ خلاف هٿن ۾ پارٽي جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاهده ڀٽو، حسينه ڀٽو، ياسمين ڀٽو، ممتاز خاتون، گل خاتون سرگاڻي، رضيا مستوئي ۽ ٻين چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جون سچيون جياليون آهيون، پر افسوس جو موجوده قيادت اسان کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اسان پارٽي کان بيزار آهيون. هنن چيو ته هر اليڪشن ۾ اسان پارٽي جي لاءِ ورڪ ڪري بيهاريل نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايون ٿيون پر بعد ۾ نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. هنن پارٽي قيادت کي نوٽيس وٺي تدارڪ جي گهر ڪئي.