ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ خوبصورت مرد-عورتون:بحريا ۽ سي ايس ايس پاس

0
355

100 موسٽ بيوٽيفل وومين 2021، 100 موسٽ هينڊسم مين 2021، حسن، سي نو ٽو بحريا ٽائون، جمت الوداع، بابر، سي ايس ايس 2020 رزلٽ هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ رهيا. 100 موسٽ بيوٽيفل وومين 2021، 100 موسٽ هينڊسم مين 2021 ٽرينڊ ۾ دنيا جي خوبصورت عورتن جون تصويرون شيئر ڪيون ويون، جن ايشوريا راءِ، جينيفر، شيزان گل، حليمه سلطان، جيسنڊرا آرڊن، شرڌا ڪپور، دپيڪا پڊوڪون، ڪترينا ڪيف ۽ ٻين جون تصويرون شيئر ڪيون ويون. 100 موسٽ هينڊسم مين 2021 ٽرينڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ سشانت سنگهه جي تصوير شيئر ٿي، شاهه رخ خان، سونو سود،سلمان خان، ريتڪ روشن، سڌارت شڪلا ۽ ٻين جون تصويرون شيئر ڪيون ويون.
سي نو ٽو بحريا ٽائون ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته هڪ ڀيرو ٻيهر بحريا ٽائون پاران ڳوٺ ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪمال خان ڳوٺ تي چڙهائي وئي. بحريا ٽائون انتظاميا نجي هٿياربند سڪيورٽي اهلڪارن سان گڏجي ڪمال جوکيو ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ولار جي ڪوشش ڪئي، بحريا ٽائون پاران ڳوٺ ڊاهڻ جي سوشل ميڊيا تي مذمت ڪئي وئي، چيو ويو ته سنڌ حڪومت ڪٿي غائب آهي، ڳوٺ ڊاهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
سي ايس ايس 2020 رزلٽ ٽرينڊ ۾ پاس ٿيندڙن کي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ فيل ٿيندڙن سان ڏک جو اظهار ڪندي کين ٻيهر ڪوشش ڪرڻ لاءِ حوصلو ڏنو ويو. ماهين حسن کي پهرين پوزيشن کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون، پوسٽون شيئر ڪندي چيو ويو ته ڳوٺ چڪ ضلعو شڪارپور ڄائي هندو نياڻي ڊاڪٽر ثنا رامچند سي ايس ايس 2020 پاس ڪري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ آفيسر (اسسٽنٽ ڪمشنر) ٿي وئي، هن وقت تائين SIUT ڪراچي ۾ آر ايم او هئي. سندس هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر ۽ هڪ ڀيڻ سافٽ ويئر انجنيئر آهي. هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو ويو ته شھدادڪوٽ جي نوجوان عدنان گل ميڪڻ نالي ھن نوجوان مسلسل محنت ۽ جستجو ڪري پنھنجي منزل کي نيٺ حاصل ڪري ورتو ، ھڪ ڀيرو ٻيھر (سي ايس ايس) پاس ڪري اي ايس پي بڻجي ويو، عدنان 2013 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ ڏني جنھن ۾ ھن ٽاپ ڪيو، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا عدنان کي گھرائي چيو تون اسان جو فخر آھين، سندس خواھش تي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ڏني وئي، انھي دوران عدنان مھراڻ يونيورسٽي ۾ به عدنان ٽيسٽ ڏني ۽ پنھنجي پھرين چوائس تي مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ حاصل ڪيو، پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ عدنان ھڪ ٽيسٽ پاس ڪري ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس جو آفيسر بڻيو، ڪراچي ايئرپورٽ تي ڊيوٽي ڪرڻ دوران سي ايس ايس ڪميشن پاس ڪري فارن افيئر منسٽري ۾ سيڪريٽري 2 بڻجي ويو پر عدنان جو ٽارگيٽ اڃا ٻيو ھو، ڪجھه سال فارن افيئر منسٽري ۾ رھيو، عدنان ٻيھر سي ايس ايس جو امتحان ڏنو ۽ جيڪو پاس ڪري نيٺ اي ايس پي بڻجي ويو، ميرٽ لسٽ جي سيريل نمبر 84 تي عدنان جو نالو آھي.