خيرپور (رپورٽر) سول اسپتال خيرپور ۾ ٺري ميرواهه جي رهواسي علي محمد لاشاري کي ڪينسر جو ڳوڙهو ٿي پيو هو جنهن سبب هو سخت تڪليف ۾ مبتلا هو، سول اسپتال خيرپور ۾ سرجن ڊاڪٽر آزاد لاشاري پاران سندس آپريشن ڪري حياتي بچائي ورتي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٺري ميرواهه جو رهواسي علي محمد لاشاري مسڪين هئڻ سبب ڪينسر جي ڳوڙھي جو آپريشن پرائيويٽ اسپتال ۾ لڳ ڀڳ 10 لک رپيا خرچ اچڻ سبب نه پئي ڪرائي سگهيو جنهن ڪري هو سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ٿيو جتي سرجن ڊاڪٽر آزاد لاشاري پاران سندس ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. آپريشن کان پوءِ علي محمد لاشاري ڊاڪٽر آزاد لاشاري ۽ سندس ٽيم جو ٿورو مڃيو. هوڏانهن ٺري ميرواهه جي رهواسي جو ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خيرپور جي ساڃاهَه وندن ڊاڪٽر آزاد لاشاري ۽ سندس ٽيم جي ڪَمَ کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن سول اسپتال جا سمورا ڊاڪٽر نيڪ نيتي ۽ فرض شناسيءَ سان پنهنجون ڊيوٽيون ادا ڪن ته ڪيترن ئي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جو سرڪاري سطح تي بهتر علاج ٿي سگهي ٿو.