لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي واسي اسٽيٽ ايجنسي جو ڪم ڪندڙ شهري زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ عيوض اي سي ۽ مختيارڪار لاڙڪاڻو مٿان هڪ ڪروڙ رپيا رشوت وٺڻ جو الزام لڳائيندي انصاف جي گهر ڪئي آهي.  جڏهن ته اي سي شهري جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شهر جي ايوب ڪالوني واسي پورهيت عرفان علي مٺاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته اسان زمين مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏني ۽ بعد ۾ فوتي کاتو تبديل ڪرائڻ لاءِ مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو سان ملاقات ڪئي، جن اسان کي بليڪ ميل ڪري کاتا تبديل ڪرڻ عيوض ٻه ڪروڙ روپيا رشوت جي گهر ڪئي، اسان مجبور ٿي انهن کي هڪ ڪروڙ روپيا رشوت ڏني جن انهن چئني سروي نمبرن جا کاتا تبديل ڪري ڏنا  ۽ ان اسان کي دوران سروي نمبر 582 ايراضي 22 گهنٽا جو فوتي کاتو تبديل ڪري مرحوم قاضي ضمير پيرزادو کي ڏيڻو هو پر ان وقت مرحوم قاضي ضمير هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو، جنهن بعد اسان فوتي کاتو تبديل ڪرڻ لاءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سان رابطو ڪيو ته انهن ٻيهر اسان کان هڪ ڪروڙ روپيا روڪ يا پنج پنج هزار جا ٻه پلاٽ ڏيڻ جي گهر ڪئي، رشوت نه ڏيڻ تي انهن کاتو تبديل نه ڪيو. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته سول ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين اسان جي حق ۾ آيل فيصلن جي اسسٽنٽ ڪمشنر ، مختيارڪار ۽ تپيدار ڀڃڪڙي ڪندي تاريخ 26 سيپٽمبر تي سروي نمبر 582 وارو پلاٽ پنهنجي ماڻهن رسول بخش ڏاهاڻي ۽ سيد محمد حسن شاهه جي نالي ڪري اسان سان وڏو فراڊ ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته مان پنهنجي مٿان لڳايل بي بنياد ۽ دل آزاريندڙ الزامن جي ترديد ٿو ڪيا، جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت کاتو تبديل ڪيو ۽ مرحوم حاڪم علي مٺاڻي پنهنجي حياتي ۾ ڄاڻايل زمين سيد حسن علي شاهه کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جنهن تحت اسان اهڙي داخلا رکي کاتو تبديل ڪيو آهي. هن چيو ته سال اڳ حافظ عرفان علي مٺاڻي پنهنجي وڪيل معرفت مون وٽ آيو جنهن کان پوءِ هو اسان وٽ ڪڏهن به ناهي آيو، اهڙي قسم جا بي بنياد الزام لڳائي منهنجي ساک کي نقصان پهچايو ويو آهي.