ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي شهر ۾ رٿابندي  سان وڻن جي واڍي جو انڪشاف، ڪالهه پٽيشنر  سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته هڪ سازش تحت ڪراچي جي قديم وڻن کي پهريان وڻ ويڙهي ( امر بيل) اڇلائي سڪايو وڃي ٿو، ٻئي مرحلي ۾ سڪل وڻن جي واڍي ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، شهر ۾   رٿابندي هيٺ وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي، عدالت چيوته  هڪ ٻوٽي کي  وڻ ٿيڻ ۾ ڪيترا سال (ڏهاڪا)  لڳندا آهن،  هتي وري وڻ سڪائي وڍيا پيا وڃن، اها انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي، چيف جسٽس پبلڪ پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته شهر ۾ وڻن جي واڍي ڪير پيو ڪري ؟ واڍي روڪرائڻ لاءِ  ڪهڙو کاتو ذميوار آهي؟  جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته انهي معاملي تي ڪراچي جي ڪمشنر اقبال ميمڻ کي طلب ڪري پڇي سگھجي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪمشنر کي پنهنجي ئي خبر ناهي ته هو ڪيترو وقت پوسٽ تي رهندو؟  عدالت سرڪاري وڪيل کي هدايت ڪندي ي چيو ته توهان پهريان درخواست جو جائزو وٺي اچو، جنهن بعد انهي تي فيصلو ڪيو ويندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته واءِ ايم سي روڊ سميت ڪراچي جي وڏن وڏن روڊن تي قديمي وڻ وڍيا پيا وڃن.