لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ايل ڊي اي ملازمن 17 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ۽ شهرين کان خيرات پني نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي واجد ميمڻ، اسرار قريشي، ممتاز لغاري، بهاول لغاري ۽ ٻين چيو ته 17 مهينن کان پگهارون بند ڪري ملازمن ۽ سندن گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ملازمن جي ڀرتين کي جعلي قرار ڏنو ويو جنهن بعد چيف سيڪريٽري جي جوڙيل ڪاميٽي ملازمن جي اسڪروٽني ڪئي پر ان جي باوجود پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، هنن چيو ته عيد ۾ ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، روزانو معصوم ٻچڙا ڪپڙا توڙي ٻيو ضروري سامان وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي جيئن ملازم ۽ سندن خاندان عيد ڪري سگهن.