سکر (بيورو رپورٽ) سکر بورڊ پاران نائين ۽ يارهين ڪلاس جا انرولمينٽ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 31 مئي تائين واڌ. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي سيڪريٽري/انسپيڪٽر آف انسٽيٽيوشنس رفيق احمد پلهه پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب نائين ۽ يارهين ڪلاس جي سمورن گروپن جي سمورن ريگيولر ۽ پرائيويٽ اميدوارن جا انرولمينٽ فارم وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ وڌيڪ 31 مئي 2021ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب سرڪاري تعليمي ادارن جي ايس ايس سي پارٽ-1 (نائين) ۽ ايڇ ايس سي پارٽ-ون (يارهين) درجي جي سمورن ريگيولر شاگردن جا انرولمينٽ فارم ۽ پرائيويٽ اميدوارن جا رجسٽريشن فارم سنڌ حڪومت پاران اعلانيل پاليسيءَ تحت بغير ڪنهن فيس جي وصول ڪرڻ جي آخري تاريخ ۾ ٻيهر 31 مئي 2021ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، رُڳو في فارم جي فيس 100 رُپيا چارج ٿيندي ۽ ان کان اڳتي 500 رپيا ڏنڊ طور وصول ٿيندا. اهڙي ريت سمورن خانگي ادارن لاءِ پڌرو ڪيو ويو آهي ته خانگي تعليمي ادارن سان واسطو رکندڙ نائين ۽ يارهين ڪلاس جي ريگيولر اميدوارن جا انرولمينٽ فارم ۽ پرائيويٽ اميدوارن جا رجسٽريشن فارم وصول ڪرڻ جي آخري تاريخ پڻ 31 مئي 2021 مقرر ڪئي وئي آهي، خانگي تعليمي ادارن جي ريگيولر اميدوارن (سمورا گروپ) جي انرولمينٽ في 600 رپيا، پرائيويٽ اميدوارن جي رجسٽريشن في 1200 رپيا ۽ فارم فيس 100 رپيا وصول ٿيندي.