خيرپور: ليڊي ولنگٽن اسپتال خيرپور ۾ قائم تازن ڄاول ٻارڙن جي انتهائي سار سنڀال واري وارڊ مان ايئر ڪنڊيشنز ۽ انڪيوبيٽر لاهڻ واري معاملي تي تازن ڄاول ٻارن جي آءِ سي يو جي باني ۽ موجوده ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ صحت کاتي جي عملدارن ڏانهن خط لکي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ پاران لکيل خط ۾ هُن ڳڻتي، افسوس ۽ تعجب جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ قائم تازن ڄاول ٻارن جي ءِ سي يو وارڊ بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ تي دلي صدمو پهتو آهي، تازن ڄاول ٻارن جي وارڊ جون ايئرڪنڊيشنون لاهڻ ۽ وارڊ مان آڪسيجن سلينڊرن جي گئس جي فراهمي کي بند ڪرڻ انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي، ان عمل سان ٻارن جي حياتين کي هٿ وٺي خطري ۾ وڌو ويو آهي، ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ قائم آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ ايندڙ ٻارن خاص طور تي وقت کان اڳ ۽ جسماني طور ڪمزور پيدا ٿيندڙ ٻارن لاءِ ايئر ڪنڊيشنون ۽ آڪسيجن سلينڊر تمام وڏي اهميت رکن ٿا. ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ پاران صحت کاتي ڏانهن اماڻيل خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 1994ع ۾ جڏهن هُو خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر \ ايس ڊي ايم هو ته انهن ڏينهن ۾ کيس پهريون ٻار جيڪو وقت کان اڳ ڄمي رهيو هو تڏهن ليڊي ولنگٽن ۾ تازن ڄاول ٻارن لاءِ آءِ سي يو وارڊ توڙي ڪوبه انڪيوبيٽر ڪونه هو جنهن سبب مون پنهنجي گهر واريءَ کي هنگامي طور ليڊي ولنگٽن اسپتال مان خيرپور جي هڪ خانگي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو، انهن ڏينهن ۾ خيرپور سميت سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ قائم تازن ڄاول ٻارن جي آءِ سي يو وارڊ جو ڪوبه تصور ڪونه هو. ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ پنهنجي خط ۾ ڄاڻائيندي چيو آهي ته ان وقت هن شدت سان محسوس ڪيو ته خيرپور ۾ تازن ڄاول ٻارن لاءِ آءِ سي يو وارڊ جي سخت ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي والدين کي آءِ سي يو جي سهولت ۽ اينڪيوبيٽر نه هجڻ ڪري پنهنجي معصوم ٻارڙن کان محروم ٿيڻو پئي ٿو. هن چيو ته مان جڏهن وري ٻيهر 2009ع ۾ خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيس تڏهن به خيرپور ۾ تازن ڄاول ٻارن لاءِ ڪوبه آءِ سي يو ڪونه هو. هن چيو ته 2010ع واري مها ٻوڏ دوران هڪ اين جي او پيمان جو هڪ پروجيڪٽ خيرپور ۾ هلي رهيو هو جنهن جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نبيلا هئي جنهن تازن ڄاول ٻارن جي آءِ سي يو لاءِ اينڪيوبيٽرس ۽ ايئر ڪنڊيشنون ڏنيون جڏهن ته ان وقت پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر رياض ميمڻ آءِ سي يو لاءِ عملو ڏنو جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڪيو. ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ پنهنجي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري موجب آءِ سي يو وارڊ مان ايئر ڪنڊيشنون ۽ اينڪيوبيٽرس جبري طور تي ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي لهرائي ويو آهي سچ پچ ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي جو اهو عمل انتهائي ڪريل حرڪت آهي، ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ قائم آءِ سي يو وارڊ مان آڪسيجن سلينڊر ۽ ايئرڪنڊيشنون لاهڻ واري واقعي بعد پمز يونيورسٽي نواب شاهه جي وي سي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ سان رابطو ڪيو اٿم جنهن کي لاٿل سامان ٻيهر نصب ڪرڻ جو چيو اٿم ۽ ايم ايس سول اسپتال سميت سموري انتظاميا کي گهرجي ته ليڊي ولنگٽن ۾ قائم تازن ڄاول ٻارن جي آءِ سي يو وارڊ کي اڃان وڌيڪ جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مان دعاڳو آهيان ته ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ قائم تازن ڄاول ٻارن جو آءِ سي يو وارڊ اڃان وڌيڪ ترقي ڪري.