لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 ھزار جوابدار مفرور آهن: آءِ جي سنڌ

0
235
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 ھزار جوابدار  مفرور آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 ھزار جوابدار  مفرور آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ چيو آهي ته سڪرنڊ واقعي خلاف وڏي وزير جي جوڙيل ڪاميٽي جو گذريل ڏينهن اجلاس ٿيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته سڪرنڊ واقعي بابت وڏي وزير جي جوڙيل ڪاميٽي جو گذريل ڏينهن اجلاس ٿيو، اڄ به ڪاميٽي ميمبر اتي آهن

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته مفرور جوابدارن جو انگ رڳو سنڌ ۾ وڌيڪ ناهي، سڄي ملڪ ۾ فرار ٿيلن جو انگ وڌيڪ آهي

هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته ايڏي گھڻي تعداد ۾ مفرور جوابدارن جو انگ ڇو آهي؟ اسان جي ڪوشش آهي ته مفرور جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 ھزار جوابدار مفرور آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون

هي به پڙهندا

سڄي صوبي مان 50 هزار 58 جوابدار مفرور آهن: آءِ جي سنڌ جو انڪشاف