سڄي صوبي مان 50 هزار 58 جوابدار مفرور آهن: آءِ جي سنڌ جو انڪشاف

0
160

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي، مفرور جوابدارن جا انگ اکر پيش ڪيا ويا، حماد صديقي ۽ ٻين مفرور جوابدارن جي عدم گرفتاري بابت ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي

آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار عدالت ۾ پيش ٿيو، آءِ جي سنڌ سڄي صوبي مان  مفرور ٿيل جوابدارن بابت رپورٽ  عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

عدالت پاران 50 هزار کان وڌيڪ  مفرور جوابدارن جا شناختي ڪارڊ ۽  بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

آءِ جي سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي صوبي مان 50 هزار 58 جوابدار مفرور آهن، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مفرور  جوابدارن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي

عدالت پاران سنڌ صوبي  جي مفرور جوابدارن جي انگن اکرن تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو آهي ته مفرور جوابدارن کي گرفتار  نه ڪرڻ به سنگين ڏوهه آهي

عدالت آءِ جي سنڌ کي مفرور جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته صوبي ۾ ڪا سياسي حڪومت ناهي،  ڪو به ڪامورو جوابدارن جي گرفتاريءَ ۾ مداخلت نه ڪندو

جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ مفرور جوابدارن سبب صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن جا 23 هزار مفرور آهن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڇا پيو ڪري؟

آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته مان 40 ڏينهن اڳ چارج ورتي  آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به تازو ئي  مقرر ٿيو آهي

عدالت پاران آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڇا مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ  لاءِ ڪو ايس او پي يا ميڪنزم ٺاھيو آھي؟

عدالت ريمارڪس ڏنا ته مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي، اسان ڪنھن ٻئي آءِ جي جو انتظار نه ڪنداسين

هي به پڙهندا

ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا