پنڊي پوليس شيخ رشيد کي هفتي اندر پيش ڪري، نه ته ايف آءِ آر ٿيندي: لاهور هاءِ ڪورٽ

0
114
پنڊي پوليس شيخ رشيد کي هفتي اندر پيش ڪري، نه ته ايف آءِ آر ٿيندي: لاهور هاءِ ڪورٽ
پنڊي پوليس شيخ رشيد کي هفتي اندر پيش ڪري، نه ته ايف آءِ آر ٿيندي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي پوليس کي وارننگ ڏني آهي ته شيخ رشيد جلد بازياب نه ٿيو ته پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين

 لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان شيخ رشيد ۽ سندس ٻن ملازمن جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 شيخ رشيد جي وڪيل عبدالرزاق چيو ته شيخ رشيد سان گڏ اغوا ڪيل 2 مغوي شيخ شاڪر ۽ شيخ عمران واپس اچي چڪا آهن، جسٽس صداقت سوال ڪيو ته مغوين ڪهڙو بيان ڏنو آهي؟ وڪيل چيو ته منهنجي ٻنهي سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي

عدالت آر پي او راولپنڊي کان سوال ڪيو ته شيخ رشيد ڪٿي آهي؟ آر پي او استدعا ڪئي ته ٻن هفتن جي مهلت ڏيو ته جيئن شيخ رشيد کي ٽريس ڪري سگهون، عدالت چيو ته معاملو سيريس آهي ايڏو وقت نه ٿا ڏئي سگهون

جسٽس صداقت علي خان چيو ته شيخ رشيد جلد بازياب نه ٿيو ته پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين،  شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته پوليس آفيسرن شيخ رشيد کي بحريه ٽائون مان اغوا ڪيو

 پوليس وارا شيخ رشيد کي اغوا ڪرڻ بعد هڪ انٽيليجنس ايجنسي جي آفيس کڻي ويا، اسان وٽ پوليس آفيسرن جي سي ڊي آر موجود آهي، عدالت شيخ رشيد جي بازيابيءَ لاءِ هفتي جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي