لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل رتيديري جي ڳوٺ جان محمد  مرکياڻي واسي غلام حيدر مرکياڻي کي ڏوهاري چاقن جا وار ڪري رتوديرو ڀرسان اڇلائي ويا، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو.عبدالقادر مرکياڻي ٻڌايو ته 20 جنوري تي ڀاءُ گهران موٽرسائيڪل کپائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ويو، جتي هن باقراڻي روڊ تي قائم هڪ شوروم تي پنهنجي موٽرسائيڪل 34 هزار ۾ وڪرو ڪري ڳوٺ اچي رهيو هو ته باقراڻي روڊ تي ڏوهارين کيس اغوا ڪرڻ بعد کائنس موٽرسائيڪل جا 34 هزار ۽ سندس کيسي ۾ پيل 7 هزار روپيه ڦر ڪري کيس ٻه راتيون لاڙڪاڻي جي هڪ جڳهه ۾ قيد ڪري ٻانهن ۽ جسم جي مختلف حصن تي چاقن جا وار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائي کيس زخمي ڪرڻ بعد اڇلائي ويا، اهڙو اطلاع اسان حد جي رتوديرو ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو جنهن تي پوليس ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ان تي ڀاءُ کي لاڙڪاڻي جي اسپتال داخل ڪرايو آهي.