ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو جاري، امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته  پيپلزپارٽي عوام جو آواز ٻڌي، هاڻ سنڌ ڪارڊ نه هلندو، سنڌ اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪالهه 24 ڏينهن به جاري رهيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ڪراچي سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڪراچي پاڪستان جي ماءُ ۽ مزدور پرور آهي، شهري 24 ڏينهن کان ڌرڻي ۾ آهن پ پ عوام کي ٻڌي، اهو وقت ويو جڏهن سنڌ ڪارڊ کيڏندا هئا، سنڌ جا سمورا شھر کنڊر بڻجي چڪا آهن حڪمرانن کان ڪير پڇڻ وارو ناھي، انهن مسئلن جو واحد حل شرعي نظام لاڳو ڪرڻ آهي، اسانجي ايجنڊا ۽ جدوجهد رڳو مڪاني قانون تائين ناھي پر مڪمل اسلامي انقلاب تائين جدوجهد جاري رھندي، اسلامي نظام سان ئي نه رڳو مسلمانن پر غير مسلمانن کي به سندن حق ملندا، سراج  الحق چيو ته ملڪ کي حقيقي تبديلي جي ضرورت آهي، پ پ ۽ ٽي ٽي آءِ وارا اندريان ئي مليل آهن، عوام کي بيوقوف نه بڻائن، بلاول ۽ مريم ڀيڻ ڀاءُ جو نعرو هڻندا آهن، پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ڪرپٽ جاگيرداڻن جا ٽولا آهن، هن چيو ته هي ڪڏهن پي ڊي ايم، پي ڊي ايم کيڏن ٿا ته ڪڏهن وري سنڌ ڪارڊ کيڏن ٿا، ڌرڻو جيترو ڊگهو ٿيندو، نقصان اوترو ئي پيپلزپارٽي کي ٿيندو، ان کان اڳ ڌرڻي کي ڪراچي چي امير حافظ نعيم الرحمان، مولانا اسد الله ڀٽو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.