حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد  نمبر 10 واري علائقي جي بلال مسجد ويجهو هڪ شخص دلاور راجپوت بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته 25 سالن جو دلاور راجپوت گذريل رات دير سان پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهيو جتي بجلي جي کليل تار موجود هئي جتان کيس ڪرنٽ لڳو ۽ ان ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري هو فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش ايڌي رضاڪارن معرفت سول اسپتال پهچايو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارث کڻائي ويا.