لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد پراڻي ٽئنڪ چوڪ اوور هيڊ برج پل هيٺان هفتو اڳ هٿياربندن  جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر امداد شيخ جي قتل ۾ ملوث جوابدار بلاول عرف بلو لغاري کي دڙي پوليس حد جي ڪنا کوھه ڀرسان گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار کي ريمانڊ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ٻئي طرف ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جوابدا بلاول عرف بلو لغاري پهريائين گرفتار ٿيل هو جنهن جي گرفتاري ڪالهه ظاهر ڪئي وئي آھي.