نئون ديرو (ن پ ا) ڳڙهي خدابخش ۾ 2 ڏينهن اڳ ٻن سياسي پارٽين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري مامري جو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ مظفر علي جروار جي فرياد تي  گناهه نمبر 21/2021ع قلم 506، 504، 147، 143/2، 337 ايڇ ٽو تحت ٻنهي ڌرين جي 11 سڃاتل ۽ 50 کان وڌيڪ اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي ڌر مان شاعر منظور منگي، خالد لغاري، زاهد ملگاڻي، خدن عرف خدابخش ملگاڻي جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي ٻي ڌر مان مراد لغاري، ستار، اياز، زاھد، ملان فدا، پير بخش عرف پيرو، مراد ميربحر سميت 50 کان وڌيڪ جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته گشت دوران ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ خالد لغاري جي گهر ٻاھران ڊيڪوريشن  جو ڪرسيون ۽ سامان لھي رھيو ھو ۽ ٻيا ماڻھو اعتراض ڪري رھيا ھئا اسان ٻنھي ڌرين ۾ جهيڙو ٽارڻ لاء خالد لغاري کان جلسي جي اجازت نامون پڇيو جنھن اجازت نامون نه ھجڻ جو ٻڌايو. بعد ۾ اسان کي خبر پئي ته ڳڙھي خدا بخش لاڙي تي ماڻھو گڏ ٿيا آھن اسان ٿاڻي تي اطلاع بعد پھتاسين ته ڪافي ماڻھو جن کي سياسي پارٽي جا جهنڊا هٿن ۾ کنيل ھئا ۽ نعرا ھڻي رھيا ھئا. جڏھن ته ٻئي پاسي رتوديرو روڊ سان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ سياسي ماڻھو گاڏين تي اچي رھيا هئا جيئن گاڏيون ويجهو پھتيون ته ٻنھي سياسي پارٽين جا  ڪارڪنن آمھون سامھون ٿي ويا ۽ گاڏين ۾ موجود ھٿياربندن ايس ايم جي سان ھئا جن 4 هوائي فائر ڪيا ۽ گارگند پڻ ڪئي. روڊ بلاڪ ڪري بيٺل ماڻھن جهنڊن جي ڏنڊن سان قافلي وارن کي ڌڪ ھنيا ۽ گارگند ڪئي. پوليس وچ ۾ پئجي جهيڙو ٽاري ورتو جنھن بعد قافلو نئون ديرو طرف روانا ٿي ويو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جا رهواسي ماڻھو واپس ڳوٺ روانا ٿي ويا.