لاڙڪاڻو: نوشين ڪاظمي جي پراسرار موت بابت اهم دستاويز منظرعام تي اچي ويا

0
195
نوشين ڪاظمي ڪيس

لاڙڪاڻو (ن پ ا) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي پراسرار موت بابت اهم دستاويز منظر عام تي اچي ويا

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او ڊاڪٽر رخسار سمون بالا آفيسرن کي نوشين جي حتمي پوست مارٽم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او ڊاڪٽر رخسار سمون جو پوليس سرجن لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کي خط لکي چيو آهي ته  ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ خاص ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي

رخسار سمون خط ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي فارنزڪ رپورٽون تڪراري آهن

ايم ايل او ڊاڪٽر رخسار سمون چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ليباريٽري جي رپورٽ موجب نوشين جي سيمپلن مان ڪنهن به مرد جا جزا سامهون نه آيا، جڏهن ته لياقت يونيورسٽي ليباريٽري جي رپورٽ ۾ مرد جو ڊي اين اي مليو آهي

ڊاڪٽر رخسار خط ۾ لکيو ته نوشين ڪاظمي جا ثواب سيمپل صوبي سنڌ کان ٻاهر جي ليباريٽري کان ٻاهر ٽيسٽ ڪرايا وڃن

ٻئي پاسي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر گلزار شيخ طرفان لکيل خط جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رخسار سمون کي پنهنجا مطالبا پوليس سرجن ۽ ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ کي پيش ڪرڻ گهرجن

هن چيو ته ڊاڪٽر رخسار سمون جو خط جڊيشل انڪوائري جي جج کي پيش ڪري چڪا آهيون، خبر ناهي ته ڊاڪٽر رخسار سمون ڪهڙي دٻاءُ جو شڪار آهي يا نه؟

ڊاڪٽر گلزار شيخ چيو ته ڊاڪٽر رخسار سمون جي درخواست تي پوليس سرجن لاڙڪاڻو طرفان ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ لاڙڪاڻو کي به ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو ويو

هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان نوشين ڪاظمي بابت لاڳاپيل چانڊڪا ليباريٽري جي فارنزڪ رپورٽ جي ٻيهر تصديق ڪرائي وئي، ڊاڪٽر راج ڪمار آهوجا طرفان نوشين ڪاظمي معاملي تي پنهنجي جاري ڪيل فارنزڪ رپورٽ جي تصديق ڪئي وئي

پيٿالاجسٽ ڊاڪٽر راج ڪمار آهوجا جو چوڻ آهي ته نوشين ڪاظمي جي جسم مان ڪنهن به مرد جا جزا نه مليا،  فارنزڪ رپورٽ مون جاري ڪئي ۽ ان رپورٽ جو ذميوار آءُ آهيان

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم ابڙو طرفان اعلانيل گرلس هاسٽل عملي جا ڊي اي اي سيمپل ٽيسٽ اڃان تائين نه ٿي سگهيا

ھي به پڙھندا

نوشين ڪيس: وارثن شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو