جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي شاھي بازار ۾ سنتوش ڪمار جي اليڪٽرونڪ جي دڪان کي باهه لڳي وئي، باهه ڏسندي ئي ڏسندي مٿي گهر کي به پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو بروقت اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو جي نه پهتو جنهن سبب دڪان ۽ گهر  ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ متاثر دڪاندار سنتوش رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي باهه لڳي وئي جنهن مٿي گهر کي به پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو باهه جي شدت ايتري تيز هئي جو گهر ڀاتي ڀرسان پاڙيسري جي ڀت تان ٽپي پنهنجي جان بچائي ورتي آهي هن چيو ته دڪان ۽ گهر ۾ پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي