نوشين ڪيس: وارثن شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو

0
284
نوشين ڪيس: وارثن شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ
نوشين ڪيس: وارثن شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو!

دادو: شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي پيء سوشل ويلفيئر آفيسر سيد هدايت الله شاھ ۽ ٻين وارثن نوشين جي ابتدائي پوسٽ ماٽم رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي

سيد هدايت الله شاھ ڪاظمي ، سيد فدا حسين شاھ ، امير بخاري ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوشين ڦاهو کائي خودڪشي ناهي ڪئي واقعي کي خودڪشي قرار ڏيڻ اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي

نوشين جي پيء هدايت الله شاھ چيو ته منهنجي ڌيء هوشيار ۽ ذهين هئي ۽ مذهبي عبادت گذار هئي جنهن جو سندس روم ۾ هجرو ان ڳالھ جي گواهي ڏئي ٿو. هن چيو ته مون سان ناحق ٿيو آهي ، منهنجي ڌيء کي قتل ڪري ان واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏنو پيو وڃي، نوشين جي روم ميٽ شاگردياڻي صبح جو 5 وڳي ڪهڙي سبب جي ڪري روم مان ٻاهر وئي، ان شاگردياڻي کي جاچ ۾ شامل ڪري کائنس آڏي پڇا ڪئي وڃي. نوشين جي پيء هدايت الله شاھ دانهيو ته اسان پنهنجون ذهين نياڻيون ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر ٿيڻ لاء موڪليون ٿا موٽ ۾ اسان کي انهن جا لاش ملن ٿا ، اڳ به اهڙا واقعا پيش آيا آهن.