لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ سنڌ جي سريلي فنڪاره نينا ماروي حيدر آباد جي رهواسي سانول گروپ سان واسطو رکندڙ علي رضا سان پسند جي شادي ڪري تحفظ جي اپيل ڪئي آهي، ان حوالي سان نينا ماروي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان علي رضا سان پسند جي شادي ڪئي آهي، هن چيو ته مون مٿان ڪنهن به ڪو دٻاءُ ناهي وڌو، ڪجهه عرصو اڳ علي رضا منهنجي گهر رشتو به موڪليو هو پر گهر وارن رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مون گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته آءُ هٿ ٻڌي پنهنجن گهر وارن ۽ مائٽن کي التجا ٿي ڪريان ته مون کي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي مطابق گذارڻ جو حق ڏنو وڃي، هن اپيل ڪئي ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.