ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ويجھو 12 ورھين جو نينگر منظور پٽ محمد شريف بروھي قومي شاھراھ تي بيھي مدرسي جو چندو ڪري رھيو ھو ته سامھون ايندڙ ڪار کيس چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو مڙھ اسپتال کڻائي وئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.