حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد حسين سولنگي نوابشاهه جي قائد عوام انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي انتظاميا پاران سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري عمل جي مذمت ڪندي ان عمل کي سندس ۽ سنڌي ادبي سنگت خلاف سازش قرار ڏنو آهي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احمد سولنگي چيو ته قائد عوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون پنهنجي سيڪيورٽي آفيسر غلام سرور ولد خليفو خان ڀٽي ۽ ٻين کي گهرائي چيو ته وزيراعليٰ هائوس مان ديپڪ شرما نالي هڪ شخص فون ڪري ڏوڪري واسي خليل احمد ولد بچل سولنگي کي نوڪري ڏيڻ لاءِ چيو آهي. وائيس چانسلر جي چوڻ تي داخل ڪرايل من گهڙت ڪيس کانپوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين احمد علي سولنگي کي سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري ڄاڻائي خبرون شايع ڪرايون جڏهن ته ڪجهه اديب دوست ڪنهن جي هٿن ۾ استعمال ٿيندي سندس خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن جن خلاف هو عدالت ۾ وڃڻ جو حق رکي ٿو. هن چيو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون سندس بالا آفيسرن سان رابطي ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي. قانون موجب ڪنهن به گزيٽيڊ آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ کان اڳ ان جي بالا آفيسر سان رابطو ڪرڻ لازمي هجي ٿو پر ائين نه ڪيو ويو. هن چيو ته سندس خلاف ڪيس ۽ ميڊيا ٽرائل ٿيڻ هڪ سازش آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي برک اديب امر جليل خلاف مذهبي انتهاپسندن پاران هلايل پروپيگنڊا خلاف آواز اٿارڻ تي سندس خلاف ڪو نئون محاذ کوليو پيو وڃي. ڪوڙن ڪيسن ۽ ميڊيا ٽرائل کان هو ڊڄڻ وارو نه آهيان ۽ پنهنجو ڀرپور دفاع ڪري مخالفن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندس. ان موقعي تي تاج جويو، مولابخش محبتي ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.