لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس طارق سليم شيخ فواد چوڌري جي درخواست تي حڪم جاري ڪيو. عدالت شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن جي نظربندي جا حڪم معطل ڪري ڇڏيا. عدالت گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پنجاب حڪومت سميت ڌرين کان 7 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود، اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي لاهور مان گرفتار ڪري صوبي جي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو هو.