اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت عام واهپي جي شين جون قيمتن ۾ واڌ روڪڻ ۾ ناڪام، مڪمل ٿيل هفتي دوران عام ضرورت وارين 51 شين مان 32 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. تفصيل موجب شماريات اداري شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ گهٽتائي بابت  هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن مطابق مهانگائي جي مجموعي شرح 41.07 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي برقرار رهي، هفتي دوران عام ضرورت وارين 51 شين مان 32 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي،  9 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏھن ته 10 شين جا اگهه برقرار رهيا، هفتي دوران ڪيلي جي في ڊزن قيمتن ۾  12 رپيا اضافو ٿيو آهي، کائڻ واري تيل جي في ڪلو اگهه ۾ 46 رپيا في ڪلو اضافو ٿيو آهي، ٽوٽن چانورن جي  في ڪلو جي  قيمت ۾  3 رپيا ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾   16 رپين جو اضافو ٿيو ، کنڊ في ڪلو تي 1.50 رپيو، تازي کير جي قيمت ۾ وڌيڪ 2 رپيا اضافو ٿيو ، اهڙي طرح دال مڱ 3 رپيا، دال مسور هڪ رپئي کان وڌيڪ ۽ دال ماش جي قيمت ۾ به ڏيڍ رپيو اضافو ٿيو آهي، گڏوگڏ سگريٽن، لوڻ، سرنهن جو تيل، رڌ پچاءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ  ڪاٺين جي في مڻ اگهن ۾ پڻ واڌ ٿي، جڏھن ته چانھه جي 190 گرام پتي جي قيمت ۾ به 8 رپين جو اضافو ٿيو ، اهڙي ريت بصرن جي قيمت ۾ 22 رپيا في ڪلو تي گهٽتائي آئي آهي، آنا في ڊزن 16 رپيا ۽ ٿوم 15 رپيا في ڪلو تي لاٿ آئي، ٽماٽن جي قيمت ۾ 1.26 رپيا گهٽتائي آئي، پٽاٽا به سستا ٿيا.