پيرجوڳوٺ /پريالو (رپورٽ: بلاول جوڻيجو /عمران علي اوڍو ) پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻيءَ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سئوٽن هڪٻئي تي هٿيار تاڻي ورتا، جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، 4 ڄڻا زخمي. رپورٽ موجب پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻيءَ ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان علي دوست ۽ مير حسن ڏونگراڻيءَ جي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. ان دوران ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مير حسن ڏونگراڻي جي ڌر جا ٻه سڳا ڀائر رابيل ۽ رحمت الله پٽ محمد وريل ۽ علي حيدر پٽ مير حسن  گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويا. جڏهن ته چار ڄڻا سعيد احمد، عبيد الله، فيض محمد، محمد اساما زخمي ٿي پيا. ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي  پريالوءِ سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش ۽ زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو. قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي پوسٽ مارٽم بعد سندن لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته زخمين جو علاج ھلندڙ آهي. ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽن مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو. ھوڏانھن مير حسن ڏونگراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سئوٽ علي دوست وارن بنا جواز زمين تي قبضو ڪيو آهي، منع ڪرڻ تان ھنن حملو ڪري اسان جي ٽن ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. ٻئي طرف پريالوءِ پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار ٿيو آهي، جنهن ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ تڪرار کي روڪڻ لاءِ پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي.