ڪراچي ( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي 100 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هر ٻن هفتن کانپوءِ اسلام آباد سڏايو ويندو آهي، گذريل چئن مهينن کان فيصلو محفوظ آهي پر ٻڌايو نه پيو وڃي،  ڪالهه معلوم ٿيو ته جج موڪل تي آهي تنهن ڪري  اسلام آباد نه ويس،  ڪالهه 18هين  ”مائي ڪلاچي _اوسز آف هارموني“ جي سري هيٺ عالمي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو  ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب ۽ دل آهي، اسان وٽ هٿيارن ۽ منشيات جو ڪلچر افغان جنگ سان شروع ٿيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي محنت وگهي ڪراچي هن وقت 125هين نمبر تي آهي. ھن چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ٿيو جنهن ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج، پوليس ۽ رينجرز آپريشن ۾ حصو ورتو. دهشتگرد سڄو ملڪ  گهمڻ کانپوءِ ڪراچي پهچي ويا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ جاري آدمشماري جي حوالي سان چيو ته سنڌ جي آبادي جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، آدمشماري جي طريقيڪار ۾ ڏکيائيون آهن، سنڌ پوليس هن وقت پوليو مهم ۽ مردمشماري جي سيڪيورٽي ۾ مصروف آهي، هوڏانهن ايس ايل ايف جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻوڏ دوران منهنجي ڪوشش رهي ته اديبن سان ملندو رھان پر دانشور پري رھن ٿا،  انهن ۾ ھر سرڪار کي خراب چوڻ جو رواج پئجي ويو آھي، جيڪو نه ٿيڻ گھرجي،  اسان تي تنقيد اکين پر اڳتي ڇا ڪرڻو آھي؟  انهي بابت به ٻڌايو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڊجيٽل آدمشماري ۾ پاڻ ڳڻائڻ  واري مدي ۾ هڪ ھفتي جي واڌ ڪري رهي آهي، جنهن  کي  به اڃا وڌائڻو پوندو، هن چيو ته 2017 ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ سنڌ کي غلط ڳڻيو ويو، مون انھي تي سي سي آءِ ۾آواز اٿاريو ھو،  هن چيو ته ڪراچي جي آبادي ھڪ ڪروڙ 60 لک نه پر اڍائي ڪروڙ کان مٿي ۽ سنڌ جي آبادي 7 ڪروڙن کان وڌيڪ آھي، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ھر ڳوٺ جو ماڻهو موجود آھي، سنڌ حڪومت جي برائي ڀلي ڪندا رھو پر پاڻ کي رجسٽر ضرور  ڪرايو، وڏي وزير چيو ته سنڌي لٽريچر فيسٽيول  جي ايندڙ پروگرام جو نالو سنڌ ادبي ميلو رکڻ جي تجويز ڏيان ٿو، ھوڏانھن وزيراعليٰ هائوس ۾ آدمشماري  بابت ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير مرادشاهه چيو ته آدمشماري ڪرائڻ لاءِ ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي انتظاميه جون ذميواريون وڌي ويون آهن، صوبي جي  هر تعلقي کي آدمشماري وارو ضلعو قرار ڏئي هر اسسٽنٽ ڪمشنر  کي سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. هر اسسٽنٽ ڪمشنر جي اها ذميواري آهي ته هر شهري جي ڳڻپ کي يقيني بڻائي، کيس پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  جي سيڪيورٽي، ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ جديد ٽيبليٽ فراهم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته  آدمشاري ۾ ڪو مسئلو پيش اچڻ جي  صورت ۾ ضلعي انتظاميا  انهي کي حل ڪرڻ جي پابند هوندي،  ضلعي انتظاميا ٽيبلٽس جي ڪم ڪرڻ، ڪنيڪٽيويٽي ۽ ڪنيڪشن جي وارن  فني مسئلن جي حل لاءِ نادرا جي مقامي نمائندن سان رابطي ۾ رهن، هن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ انتظامي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته اهي  اي سيز جي ڪم جي نگراني ڪرڻ سان گڏ سندن مدد ڪن، هن شهرين کي هدايت ڪئي ته مردم شماري جو عملو مقرر وقت دوران سندن ڳوٺن يا    گهرن تائين نه پهچي ته اهي پنهنجي علائقي جي اي سي سان رابطو ڪن يا وري پي بي ايس جي ٽول فري هيلپ لائين (0800-57574) تي به اطلاع ڪري سگهن ٿا،  جيڪڏهن ڳڻپ ڪندڙن سندن  صحيح  تفصيل نه لکيا آهن ته اهي شڪايت پڻ ڪري سگهن ٿا، هن سول سوسائٽي، سياسي ڪارڪنن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي آدمشماري بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.