لاهور(بيورو رپورٽ) لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿي ويو. ملتان ۽ گجرانوالا ۾ لوڊشيڊنگ کان تنگ عوام روڊن تي اچي ويو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. جڏهن ته لاهور ۾ به 24 ڪلاڪن دوران وقفي وقفي سان لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهيو. لوڌران، بهاولپور، بهاول نگر سميت پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ رهي، فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ گجرات ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ مان عوام سخت پريشان آهي.