ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جي مک ڪردار عزير بلوچ پنهنجي اعترافي بيان کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي توڙ عدالت ۾ عزير بلوچ ۽ ٻين خلاف قتل ۽ پوليس مقابلي بابت داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عزير بلوچ جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائيندڙ جوڊيشل ميجسٽريٽ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ٻڌڻي دوران عزير بلوچ عدالت کي ٻڌايو ته مون ڪو به اعترافي بيان ناهي ڏنو، جڏهن جوڊيشل مئجسٽريٽ پيش ٿيندو ته اميد آهي ته اهو سچ ڳالهائيندو، جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ڪيترن ئي مهينن کان گهرايو پيو وڃي پر اهو پيش نه پيو ٿئي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.