ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽرز جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پئماني تي ردوبدل جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي، نئون ڪانٽريڪٽ پهرين جولاءِ کان ملندو، ڪانٽريڪٽس لاءِ هيڊ ڪوچ، چيف سليڪٽر، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل، چيف ايگزيڪيوٽو مشاورت ڪندا. سينٽرل ڪانٽريڪٽ کي زمبابوي جي دوري بعد حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي، نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي ترقي ۽ تنزلي ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر حسن علي، آل رائونڊر فهيم اشرف، عثمان قادر کي ڪانٽريڪٽ ملندو، عثمان شنواري ۽ افتخار احمد کي ڪانٽريڪٽ ملڻ جي اميد ناهي، حارث رئوف، محمد حسنين کي سي ڪيٽيگري، فخر زمان کي بي ڪيٽيگري ۾ ترقي ملڻ جو امڪان آهي. ڪرڪيٽر اسد شفيق، شان مسعود ۽ حارث سهيل جي تنزلي جو امڪان آهي، جڏهن ته محمد حفيظ کي ٻيهر ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي ويندي، محمد حفيظ فيبروري ۾ سي ڪيٽيگري وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، اظهر علي کي اي مان بي ڪيٽيگري ۾ آڻڻ تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب فواد عالم جي سي مان بي ۾ ترقي ٿيندي، محمد نواز، عمران بٽ ۽ زاهد محمود به غور هيٺ آهي.