هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي کي اننگز ۽ 116 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. هراري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 426 رنسون ٺاهي زمبابوي خلاف 250 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم رڳو 134 رنسون ٺاهي سگهي. قومي ٽيم طرفان حسن علي ٻي اننگز ۾ به شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نعمان علي 2 ۽ فهيم اشرف هڪ وڪيٽ ورتي.واضح رهي ته زمبابوي جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 176 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، جڏهن ته پاڪستان 426 رنسون ٺاهيون هيون.پاڪستان طرفان فواد عالم 140 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته عمران بٽ 91، عابد علي 60، محمد رضوان 40 ۽ حسن علي 30 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي کي ميچ ۾ مجموعي طور 9 وڪيٽون وٺڻ تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.