اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي  اجلاس دوران ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪندي جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي مطالبو ڪيو ته سي ايس ايس امتحان اردو زبان ۾ ورتا وڃن، چين سميت ٻيا ملڪ پنهنجي زبان ۾ ترقي ڪري سگهن ٿا ته پاڪستان ڇو نه ٿو ترقي ڪري سگهي، ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين چيو ته حڪومت تي لازم آهي ته اردو کي سرڪاري ٻولي بنائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري، اردو کي سرڪار زبان طور لاڳو نه ڪرڻ قائد اعظم جي هدايتن جي به خلاف ورزي آهي، جنهن جو جواب ڏيندي پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته ان مامري تي حڪومت غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 30 مئي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.