قمبر ( رپورٽر) قمبر جي غيبي ديرو واري علائقي ايف پي بچاءَ بند ڀرسان واقع ڳوٺ جمال چانڊيو جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي  تڪرار تان  هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ نيڪ مرد 50 سال جو مولا بخش قاسماڻي چانڊيو مارجي ويو، واقعي بعد ٻنهي ڌرين جي ماڻھن مورچا بند ٿي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ ھراس ڇائنجي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ قمبر اسپتال آندو. ذوهيب حسن چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ مولا بخش ڳوٺ جي سروي ڪرائڻ جي سلسلي ۾ موٽر سائيڪل تي اچي رهيو هيو ته ڳوٺ ڀرسان بچي ڦاٽڪ لڳ هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀاءُ کي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو قتل ڪرايو آھي. پوليس به جوابدار حاڪم چانڊيو جي ڌر بڻيل آھي، اڳ به منهنجي سئوٽ ظھور چانڊيو کي قتل ڪيو ويو،  واقعي جو ڪيس ٻنهي نواب ڀائرن سميت حاڪم چانڊيو مٿان داخل ڪيو وڃي. وارثن لاش قمبر باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هنيو. جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ ماما ڀاڻج ۽ ساڳئي ڳوٺ جا رهواسي آھن. مقتول مولابخش جوابدار حاڪم جو ڀاڻج آھي.