قمبر: ڪجهه وقت اڳ سردار چانڊيو جي سرپئنجي ۾ فيصلو به رکيو ويو هيو پر ڌريون ڳالهين ۾ نه ٺھيون، جنهن سبب معاملو نبيرجي نه سگهيو هو. ايم پي اي سردار چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  جهيڙيندڙ ڌريون منهنجا ٻچا ۽ پاڻ ۾ ماما ڀاڻج ۽ سئوٽ آھن.  اڳ به هنن جو تڪرار هلندڙ هو، مان ٻنهي ڌرين ڏانهن صلح ڪرائڻ لاءِ پاڻ لنگهي ويو هيس، مون ۽ منهنجي ڀاءُ مٿان اجايو الزام ھڻي رهيا آھن، منهنجو اهڙي جهيڙي سان ڪو به تعلق نه آھي.