وارسا(م ڊ) روس ۽ يوڪرين جي جنگ پولينڊ تائين پهچي وئي، يوڪرين جو ميزائل پولينڊ ۾ وڇي ڪريو، ٻه شهري مارجي ويا، آمريڪا ۽ يورپي يونين روس تي ميزائل حملي جو الزام لڳائي ڇڏيو، روس جي ترديد بعد خبر پئي ته اهو ميزائل روس تي حملي لاءِ يوڪرين فائر ڪيو هو. مليل اطلاعن موجب گذريل رات دير سان پولينڊ جي سرحدي علائقي پرزوڊو جي علائقي ۾ فارم هائوس تي ميزائل ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. پهرين پولينڊ چيو ته اهو ميزائل روسي جو ٺهيل آهي جنهن تي آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ روس تي تنقيد ڪئي. روس جي صدر جي پريس سيڪريٽري دمرتي پيسڪائو چيو ته اولهه جا ملڪ بنا سوچڻ سمجهڻ جي الزام هڻي رهيا آهن اهو ملبو يوڪرين جي 300 ايئرڊفينس مان ڪريو آهي. بعد ۾ پولينڊ جي صدر ايندرز دودا چيو ته ميزائل ڪريو آهي حملي جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن. اهي امڪان به گهٽ آهن ته ڪريل ميزائل روس مان فائر ڪيل آهي. s