قمبر (رپورٽر) قمبر جي دوست علي بنگلا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد وارث گراماڻي ۾ 10 ڏينهن اڳ هنداڻا پٽڻ تان جوابدارن هٿان مٿي ۾ ڏنڊا هڻي زخمي ڪيل 50 سالن جو پورهيت محمد شريف گراماڻي چانڊڪا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي پورهيت جو لاش قمبر سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جي پٽ محمد وارث ٻڌايو ته ھنداڻا پٽڻ تان مارفاڻي برادري جي ماڻهن والد کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو، اين سي داخل ڪرائي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري.