ڪراچي/ داد لغاري (رپورٽ: حبيب جمالي/ آدم پتافي) داد لغاري جي ڳوٺ فتح پور جي نوجوان محمد علي ميراڻي جو ڪراچي ڪورنگي ضلعي جي الفلاح ٿاڻي جي حد مان لاش هٿ آيو آهي. شاهه فيصل جي علائقي عظيم پوره پاڙي مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. جنهن جي
سڃاڻپ محمد علي پٽ شير محمد ميراڻي طور ٿي، پوليس موجب مقتول کي ڳلي ۾ رسو وجھي قتل ڪيو ويو آهي، لڳي ٿو ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. دادلغاري پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ڪراچي ۾ پوليس کي هٿ آيو آهي، ڪراچي پوليس پاران رابطو ڪري اهڙو اطلاع ڏنو ويو. جڏهن ته وارث ڪراچي مان مقتول جو لاش وٺڻ لاءِ روانا ٿي ويا آهن. هوڏانهن باخبر ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته ٽي هفتا اڳ ڀائرن جو پاڻ ۾جهيڙو ٿيو هو، قربان ميراڻي ٻار وٺي ڪراچي هليو ويو هو، جنهن بعد مقتول به ڪراچي پورهئي سانگي ويو هو. محمد علي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ رهائش پذير مقتول جو ڀاءُ قربان ميراڻي فون بند ڪري لاپتا ٿي ويو آهي. هوڏانهن مقتول جي ٻي ڀاءُ ممتاز ميراڻي ٻڌايو ته ڀائرن ۾ جهيڙو ضرور ٿيو هو، پر ايتري حد تائين نه ٿا وڃي سگهن ، هڪ سوال جي جواب ۾ ان ٻڌايو ته اسان جا رشتيدار ڪراچي ۾ رهندڙ آهن انهن جي هڪ عورت ٿاڻي تي وڃي پوليس کي ٻڌايو ته ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيل آهي، ڀاءُ ڀاءُ کي ماريو يا مارايو آهي، تنهنڪري ڀاءُ قربان نمبر بند ڪري لاپتا ٿي ويو آهي.