قصو قرباني جي عيد لاءِ جانور خريد ڪرڻ جو!

0
203

قرباني جي عيد ۾ اڃان هفتو کن دير هئي پر صبح ساڻ طوطن ماءُ مون کي تمام سختي سان ڌونڌاڙي ننڊ مان اٿاريو. چيومانس خير ته آهي ايئن ڌونڌاڙي اٿاربو آهي، منهنجو کاٻو ڪلهو نڪري پيو آهي ساڄو مريو مڙي پيو آهي ۽ مون مسڪين جو غريباڻُو اڳٺ به ٽٽي پيو آهي. چيائين خير آهي خير آهي مونکي سرف ۽ صابڻ کپي! چيومانس بس ڳالهه به ايتري مون سمجهيو ته ماڻهين ناٿي نانگڻ ڪاڏي نڪري وئي آهي تڏهن ايتري ڇتي ٿي پئي آهين! چيائين نڪري تنهنجي ماءُ! تنهنجي ناني، تنهنجي ڏاڏي! تون ڇو اچي منهنجي ماءُ جي پٺيان پيو آهين، اٿي شرافت سان مون کي صابڻ ۽ سرف وٺي آڻي ڏي! چيومانس صبح ساڻ ڇا ٿي ڪرين سرف ۽ صابڻ کي! چيائين قرباني جو گوشت رکڻ لاءِ فرج ٿي ڌوئان؟ چيومانس ڇو ڇا ٿيو فرج کي؟ چيائين پڻهين واري گيدوڙي جا جڏهن گيدوڙا پڪا هئا ته تو فرج مان انب، زردالو، آلو بخارا ڪڍي پڻهين وارا ٻه مڻ گيدوڙا رکيا هئا. مينهن پيو ته واپڊا وارن ٻه ڏينهن بجلي بند ڪري ڇڏي ۽ تو وارن گيدوڙن ڦاٽي اهڙيون گگون وهايون آهن جهڙو نئين گاج ۾ روڻيون پيون هجن. فرج جو ٿي کوليان ته اهڙي ڌپ ٿي اچي جهڙو اندر ميونسپالٽي جو باٿ روم هجي، اهو ٻڌي مون کي کل اچي وئي. چيومانس ميونسپالٽي جي باٿ رومن ۾ ڌپ کانسواءِ ڪنيون تصويرون ۽ گارگند وارا جملا به لکيل هوندا آهن. هڪ دفعي ماسات ماڪوڙي وارن اوجهڙي جو پاروٿو مدي خارج ٻوڙ موڪليو هو مون کي اهڙو وڻيو جو سڄو ڪونڊو کائي ويس. پوءِ ته پيٽ ۾ اهڙو شور شرابو ۽ هنگامي حالتون شروع ٿي ويون جهڙو تيغاڻي ٻيلي ۾ ڦٿل ٻوٿ وارا ڌاڙيل پيا ٺڪا ٺوڪي ڪن. مٿان ناني نوران اچي فرمائش ڪئي ته شهر مان مونکي ريوڙيون آڻي ڏي. آئون شهر پهتس ته پيٽ ۾ گڙ ٻڙ تيز ٿي وئي ۽ آنڊن وڃان وڃان وارو ڪلام ڳائڻ شروع ڪري ڏنو. ڊوڙي ڀڳس ميونسپالٽي جي باٿ روم ڏانهن اتي حاجت مندن جي ايڏي قطار لڳل هئي جهڙو ريل جي ٽڪيٽ وٺڻ آيا هجن. آئون به قطار ۾ بيٺس ابا قطار کٽي ئي نه! منهنجي پيٽ ۾ ڪيئي طوفان برپا ٿي چڪا هئا مون کي پڪ ٿي ته اندر جا وهڪرا وڌيا ته روڻيون پونديون ۽ مال پائنچن مان وهڻ لڳندو. صبر جي دامن ۾ هٿ وڌا ۽ واري جو اهڙي بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳس جهيڙو رمضان ۾ موالي روزيدار سج لهڻ جو انتظار ڪندا آهن. مس مس منهنجو وارو آيو اندر وڃي ويٺس ته سامهون ديوار تي لکيل هو کاٻي طرف نهاريو اوڏانهن نهاريم ته لکيل هو ساڄي طرف نهاريو مون ساڄي طرف نهاريو اتي لکيل هو پويان نهاريو مون پويان نهاريو ته اتي لکيل هو بيغرت انسان تون حاجت پوري ڪرڻ آيو آهين يا هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لاءِ آيو آهين! اهو پڙهي مون کي ڏاڍي کل آئي. خير حاجت پوري ڪرڻ ديوارن جون تصويرون ڏسي تحريرون پڙهي ٻاهر نڪتس ته انتظار ڪندڙ همراهه ڪاوڙ ۾ هو سندس منهن ڳارهو ٿي صفا چڪن چٽڻي رول جهڙو ٿي ويو هو. هن مون کي گلي مان جهلي چيو دير ڇو ڪيئي؟ چيومانس يار ڳوٺ جام پڪا ڏيلها کائي ويو هئس، سو ڪم ٿئي ئي نه! جهڙو مٿس گيٽ تي ميجڪ لڳل هجي پوءِ ٽاپ گير لڳايم ته مس مس انجڻ اسٽارٽ ٿي ته ٻاهر نڪتو آهيان ته وري تومان لوهه ٿي ويو آهيان، مون مان هٿ ڪڍ، مون کي ناني نوران جون ريوڙيون وٺڻيون آهن. هن مون کي خدا ڪارڻ ماتلي واري جلاب جو ڏس ڏنو ۽ هٿ ڪڍيا اها ڳالهه ٻڌي طوطن ماءُ کلي کلي کيري ٿي پئي پوءِ چانهه پي مون کيس سرف ۽ صابڻ وٺي آڻي ڏنو. پوءِ ته هن فرج کي ڌوئي اهڙو چمڪائي ڇڏيو جو ڪيا بات هي. چيومانس ايترو مٿو جي مون تي هڻين ها ته آئون به چلڪي، چمڪي خوبرو جوان ٿي پوان ها ته اوڙي پاڙي جون حسينائون مون تي عاشق ٿي پون ها. چيائين مئا تون اهڙو گرو ڪنو ڪوجهو صحيح آهين عشق جي مرض کان ته بچيل آهين. فرج ڌوپجڻ کانپوءِ طوطن ماءُ اچي ضد ڪيو ته آئون قرباني جو جانور وٺان. طوطن به پاڙي جي ٻارن کي قرباني جو ٻڪرو ڊوڙ ائيندي ڏٺو سو به ٻڪر وٺڻ لاءِ ٻرڙاٽ پيو ڪري، مجبور ٿي آئون پٽڪو ٻڌي ويس پڙي ۾ اتي هڪ هاٿي جيڏو ڍڳو بيٺو هو. ڀاڳئي ان جي قيمت اسي لک ٻڌائي اهو ٻڌي آئون حيران ٿي ويس. سوچيم انهن اسي لکن ۾ ويگو گاڏي به ملي ويندي، عاليشان بنگلو به ملي ويندو، ٻيو ٺهيو لاڙ ۾ اسي ايڪڙ ٻني به ملي ويندي، ماڻهو سڄي عمر پيو عيش ڪندو. انهن اسي لکن جي ڍڳي کي ته عيد تي سير پئجي ويندي. ٻيو هڪڙو وهڙو اسي هزارن ۾ ٿي مليو انهي کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ آئون ڪاهي پڙي کان ٻاهر ويس ان مٿان چڙهي ويٺس ته ابا ڍڳو انگريز جي بل وانگر اهڙا ٽپا هڻڻ لڳو جو مون وڃي ڦهڪو ڪيو. ڪپڙا ڇنڊي وهڙو ڪاهي وڃي ڌڻي کي ڏنم. چيومانس هتي ئي وهڙي مون کي ڪيرائي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي قيامت ۾ پلصراط تان ڪيئن اڪاريندو؟ اتي بيٺل هڪ ملان چيو قيامت جي ڏينهن الله سائين کين اهڙو صبر ڏيندو جو قرباني جو جانور پتي رکندڙ ستن همراهن کي به کڻي پلصراط پار ڪرائيندو! اتي موجود هڪ ڪامريڊ ملان کان ڪجهه پڇيو، ٻنهي ۾ بحث کانپوءِ جهيڙو شروع ٿي ويو. پوءِ ته پوليس اچي کين ڇڏرايو، مون اتان ڀڄي جان ڇڏيائي. ٻئي ڏينهن آئون پٽڪو ٻڌي وڃي ٻڪرا پڙي ۾ پهتس. اتي ٻڪر وٺي سودو ڪري آخر ۾ هيٺان ڏسانس جي خصي ٿيل آهي ته ڀاڳئي کان پئسا واپس وٺان چوانس ته ادا اسين خصي ٿيل جانور ڪو نه وٺون، وري جي خصي نه ٿيل آهي ته به ڀاڳئي کان پئسا واپس وٺان چوانس ته ادا اسين خصي ٿيل جانور وٺندا آهيون. بحرحال مون ڪيئي سودا ڪري ڀاڳين کي پريشان ڪري دل خوش ڪئي. اتي وري هڪ ٻيو ڪامريڊ بيٺو هو تنهن رڙ ڪري چيو هل ڙي! مسلمان ڀائرن ۾ به قرباني جي جانورن وٺڻ تان خصي ۽ اڻ خصي جو اختلاف لڳو پيو آهي. پوءِ مون کي پنجن هزارن ۾ هڪ سستو ٻڪر مليو. آئون گهر وٺي آيس ته طوطن ۽ طوطن ماءُ خوشي ۾ نچڻ لڳا. ٻڪري لاءِ گاهه آندم ته جهڙو روزائتو هجي گاهه کائي ئي نه! رسي سان کٽ جي پاڳي ۾ ٻڌومانس ته ٽپ ڏئي کٽ تي ايئن چڙهي ويٺو جهڙو رئيس گلڻ خان گول باڊي هجي. گاهه ته نه پيو کائي پر طوطن ماني ڏنس ته اها کائي ويو. رات جو ڦلي چوزا وٺي سندس ڀرسان گذري تي چنبو هڻي سندس ٽي چوزا ماري کائي ويو. مون کي پڪ ٿي ته گوشت خور ٻڪرو آهي. اڳوڻي مالڪ کيس اهڙيون عادتون سيکاريون آهن. فجر جو اهو ٻڌي آئون حيران ٿي ويس ته ٻيا ٻڪرا مين مين ڪندا آهن اسان وارو ٻڪر ڀونڪي پيو. مون وڃي سندس طبي معائنو ڪيو خبر پئي ته اهو ڪتو هو ان جي مٿان ٻڪر جي کل چنبڙايل هئي. ٻئي ڏينهن وڌيڪ سينگار سرما ڪرائي آئون پڙي ۾ ڏهن هزارن ۾ کپائي آيس. گهر آيس ته ٻڪر وڪڻي اچڻ جي ڪري طوطن ۽ طوطن مان ڏک ۾ ايئن پار ڪڍي پئي رنا جهڙو سندن قضيو ٿي ويو هجي. بحرحال ساڻن واعدو ڪيم ته عيد تي توهان کي گوشت سان فرج ڀري ڏيندس ته پوءِ مس مس وڃي ماٺ ڪيائون. پوءِ مون سوچيو ته طوطن ماءُ کي ڏيندس ليکو ته ٻاهر مون مينهن ۾ پتي رکي آهي. پوءِ دڪان تان ٻه ڪلو شاپر وٺندس هڪ ڪلو گوشت جي ڳوٺ ۾ پن لاءِ طوطن کي ڏيندس، هڪ ڪلو شاپر کڻي آئون اوڙي پاڙي جي ڳوٺن مان گوشت جي پن ڪندس ته پروڪي عيد وانگر هيلوڪي عيد تي به پتي جيترو گوشت گڏ ڪري وٺندس ته فرج به ڀرجي ويندو ۽ کٽ به گوشت سان ڀرجي ويندي. رات جو سمهڻ وقت آئون وري به سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس ته هن عيد تي عمران خان جي وڌايل مهانگائي جي ڪري هزارين ماڻهو گهر جي راشن وٺڻ لاءِ پريشان آهن اهي ڪيئن عيد ڪري سگهندا. هزارين ماڻهو ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ نئين گاج جي وهڪرن ۾ ڦاٿل ۽ ٻڏل آهن ڪيئن عيد ڪري سگهندا. جن جا ڳڀرو جوان کنڀيل آهن، قيد ۾ آهن، ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن، سي ڪيئن عيد ڪري سگهندا، جن غريب ماڻهن جي نياڻين سان لڄالٽ ٿي آهي جن جون نياڻيون زوري کڄي ويون آهن. جن جون نياڻيون تشدد ڪري ماريون ويون آهن. اهي مسڪين ماڻهو ڪهڙي عيد ڪندا؟ مونکي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو.
جا عمر تومل عيد سا اسان سوءِ ورتي سومرا
ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد مارو جي ملير جا (شاهه)