ڪراچي: وزيراعليٰ هائوس ميڊيا سيل طرفان اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس جي پريس رليز جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اجلاس ۾ قبيلائي جھيڙن کي قبيلائي سردارن ذريعي ختم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ جڏهن “پنهنجي اخبار” طرفان وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان سان رابطو ڪري وڌيڪ تفصيل گھريا ويا ته ان وقت وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان ترديد ڪئي ۽ چيو ته قبيلائي سردار غلطي سبب لکجي ويو، قبيلائي جھيڙا سياسي اڳواڻن ذريعي ختم ڪرايا ويندا.