ڪراچي: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرائيم جا تڪڙا ڪيس هلائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان مشاورت ڪئي وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن جي الڳ ٽرائل لاءِ جج مقرر ڪندي، هر ضلعي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس الڳ ٻڌا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيشيور ڏوهارين جي مانيٽرنگ لاءِ اليڪٽرانڪ ۽ ٽريڪنگ ڊوائيس جو استعمال ڪيو ويندو، ان لاءِ سي آر پي سي (پوليس قانون) ۾ ترميم ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ جي سنڌ ڪراچي جي 11 هنڌن تي احتجاجن تي پابندي جي سفارش ڪئي هئي، اها سفارش منظور ڪندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. پوليس بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 2021 ع ۾ 254 ماڻهو قتل ٿيا، جن ۾ اڪثر ذاتي دشمني جا هئا، جڏهن ته 2020 ع ۾ 508 ماڻهو قتل ٿيا هئا، جڏهن ته 15 جولاءِ 2021ع تائين اغوا جا 28 ڪيس ٿيا، جن ۾ صرف 12 مستند هئا، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اغوا ۾ ملوث 36 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 3 اغوا ڪندڙ ماريا ويا، 2021 ع ۾ ڀتا خوري جا 74 واقعا پيش آيا، ڀتا خوري جا 62 ڪيسز پڪڙيا ويا، 4 ڀتا خورن کي ماريو ويو ۽ 94 گرفتار ڪيا ويا، ڀتا خوري جي 12 ڪيسز ۾ 5 آرگنائزڊ گينگ ملوث هئا. اهڙي ريت 2021ع ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 2039.4 ڪيسز ٿيا، جن ۾ اڪثر موبائل چوري جا هئا، انهي حساب سان روزاني شهر ۾ 76.6 ڪيسز ٿي رهيا آهن، ان موقعي تي وڏي وزير انهن مارڪيٽس ۾ ڪارروائي جي هدايت ڪئي، جتي چورايل موبائل فونز جي پارٽس جو ڪاروبار ٿئي ٿو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 2021ع ۾ هر مهيني 129.7 فور ويلز گاڏيون چوريون ٿيون، جڏهن ته 2 ويلز گاڏين جي چوري 335.2 رڪارڊ ٿي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرمنل جا 189 انڪائونٽرز ٿيا آهن، 25 اسٽريٽ ڪرمنلز ماريا ويا آهن، 607 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 982 اسٽريٽ ڪرمنلز گرفتار ڪيا ويا، 3735 هٿيار اسٽريٽ ڪرمنل کان هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن تي وڏي وزير آءِ جي هدايت ڪئي ته هر صورت ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.