ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) افغان صورتحال بعد سنڌ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو، غيرقانوني طور رهندڙ پناهگير سيڪيورٽي رسڪ ۽ معيشت تي ٻوجهه قرار، وفاقي حڪومت کان قدم کڻڻ جو مطالبو، پرڳڻي ۾ قبيلائي جھيڙن کي به ڌاڙيلن جي نرسري قرار ڏيندي اهي جھيڙا قبيلائي سردارن ذريعي حل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽرائي بارڊ سيڪيورٽي پلان به تيار، ڌاڙيلن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن وچ ۾ وڌندڙ رابطن تي به ڪرڙي نظر رکڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ اپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪورڪمانڊر، چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، گھروسيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ افغان صورتحال بعد صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پابندي مڙهيل تنظيمن تي ڪرڙي نظر رکي وڃي، پابندي مڙهيل تنظيمن، مذهبي ۽ ٻين شرپسند عنصرن جي نگراني ڪئي وڃي. وڏي وزير سوشل ميڊيا تي نفرت آميز مواد ۽ ٻين مشڪوڪ سرگرمين تي به نظر رکڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪجهه عنصر نفرتون وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا، جن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو وڃي، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪٻئي سان ڪوآرڊينيشن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪن ته جيئن افغانستان ۾ جاري جنگ جي اثرن کان صوبي کي بچائي سگھجي، وڏي وزير چيو ته افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي ۽ طالبان جي پيش قدمي بعد سورش (بغاوت) ۾ اضافي جو امڪان آهي، جيڪو دهشتگردي ۽ غيرقانوني پناهگيرن جي آمد جي معاملي ۾ پاڪستان خاص ڪري ڪراچي کي متاثر ڪري سگھي ٿو، اسان کي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته اڳ ۾ موجود غيرقانوني پناهگير ڪراچي جي سيڪيورٽي ۽ شهري سهولتن تي ٻوجهه آهن. وڏي وزير چيو ته غيرقانوني پناهگير مسئلو آهن، پناهگيرن سبب ڪراچي شهر ڏوهن، پاڻي جي کوٽ، لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وفاقي حڪومت کي غيرقانوني پناهگيرن جو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي معاهدي تي صحيحون نه ڪيون آهن انهي باوجود پناهگيرن بابت اسانجي لبرل پاليسي آهي، اسان انهي پاليسي ڪري ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اجلاس ۾ سنڌ اندر قبيلائي جھيڙن کي ڌاڙيلن جي نرسري قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ ڪچي ۾ روڊ نيٽ ورڪ وڇائڻ ۽ ڌاڙيلن کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قبيلائي تڪرارن دوران سوين ماڻهو قتل ٿيا آهن، تيغاڻي- بجاراڻي تڪرار تان 28 ۽ سبزوئي-چاچڙ تڪرار تان 12 ڄڻا مارجي ويا، آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته هلندڙ سال آپريشن دوران گهوٽڪي، سکر، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ 305 ڏوهاري ماريا ويا آهن، اجلاس م ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قبيلائي تڪرارن کي سياسي دٻاءَ تحت ختم ڪرايو ويندو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ آپريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2021ع ۾ گھوٽڪي جي ڪچي ۾ 89، سکر ۾ 75، ڪشمور ۾ 73 ۽ شڪارپور ۾ 78 مقابلا ٿيا، گھوٽڪي ۾ 3 ، سکر ۾ 6، ڪشمور ۾ 25 ۽ شڪارپور ۾ 15 گينگ ختم ڪيا ويا، سکر ۾ 9 ڌاڙيل ماريا ويا، گھوٽڪي مان 2 ، سکر مان 2، ڪشمور مان 39 ۽ شڪارپور مان 40 مغوي بازياب ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڌاڙيلن کي هٿيار ۽ گولا بارود جي فراهمي، درياءِ جي پار ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوهارين جي نقل حرڪت جي روڪٿام لاءَ غيرموثر نظام، اغوا جا نوان طريقا، جنهن تحت عورتاڻي آواز تي ماڻهن کي گھرايو ويندو هو، وارا چيلنج هئا جنهن تي وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي دريائي پوليس ٺاهڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن کي هٿيارن جي سپلاءِ لائين ختم ڪئي وڃي، سندن چرپر تي ڪرڙي نظر رکي وڃي، ڌاڙيلن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن ۾ وڌندڙ رابطن تي به نظر رکي سندن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن. وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ روڊ نيٽ ورڪ ٺاهينداسين، گھوٽڪي ۽ ڪشمور پل مان نڪرندڙ ٻيا روڊ به ٺاهينداسين. اجلاس ۾ ٽراءِ بارڊر سيڪيورٽي سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي دنگن تي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ به پلان تيار ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا گروپ ختم ڪيا وڃن.