ڪراچي:سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ڊي جي سان ٿر جي مائي بختاور ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل فلائٽس آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ ڳالهايو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ليول تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي پي ٽي جي آئل ٽرمينلز جو سيڪيورٽي آڊٽ ڪئي آهي.