قاضي احمد ۾ معصوم پُٽ کي قتل ڪندڙ بي رحم پيءُ گرفتار

0
263

قاضي احمد (ن پ ا) گذريل ڏينھن قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ سونو خان چانڊيو ۾ ٽيوب ويل جي حوض ۾ غوطا ڏئي ٻارڙي محمد عمر کي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ نينگر جي ماءُ مڌيا چانڊيو جي فرياد تي قاضي احمد پوليس ٿاڻي ۾ مقتول ٻارڙي جي پيُ حنيف چانڊيو خلاف قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، ڪيس ۾ فريادڻ مقتول ٻارڙي جي امڙ ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته منهنجي مائٽن جي شادي ھوئي منهنجي مڙس مون کي شادي ۾ وڃڻ جي اجازت ڪا نه ڏني مان چار ٻار وٺي مائٽن ۾ ويس ۽ 2 ٻار محمد عمر چانڊيو ۽ شاهنواز کي اتي ڇڏي آيس جنهن تان منهنجو مڙس مون تي ناراض ھو ۽ ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته تون ڇڏي وئي آھين اسان کي، آءُ ٻار ماريندس ۽ منهنجي معصوم پٽ کي نيٺ پيُ ڪاوڙ ۾ اچي پاڻي ۾ غوطا ڏئي قتل ڪيو آھي