جروار/ خانپور مهر (نمائندن وٽان) گهوٽڪي پوليس هٿان خانپورمهر مان چار ڏينهن گرفتار ڇهه ٽيڪسي ڊرائيورن مان هڪ ڄڻي ذوالفقار علي سومرو کي جروار ۾ ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گشت دوران حيات پتافي لنڪ روڊ لڳ بچاءَ بند وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، ذوالفقار سومرو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي، باقي ٻيا ڏوهاري جنهن ۾ احسان گبول، اشرف عرف عاشق مهر، اختر بوزدار ۽ ٻه نامعلوم ڏوهاري فرار ٿي ويا، زخمي کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو داخل ڪيو ويو.هوڏانهن خانپور مهر مان گرفتار ٽيڪسي ڊرائيورن کي اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ۾پوليس مقابلو ڏيکاري الاھي بخش تيغاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڄاڻائي ٻن ٽيڪسي ڊرائيورن منور مھر، منير عرف بجلي گڏاڻي کي فرار ڄاڻايو. پوليس ترجمان پاران پريس رليز جاري ڪئي ويئي آهي، باقي ٽيڪسي ڊرائيور ذاڪر شاھ کي پوليس ظاھر نه ڪيو،ياد رهي ته هاف فراءِ ڪيل ذوالفقار سومرو سميت ڇھن ئي ٽيڪسي ڊرائيورن کي گھوٽڪي پوليس خانپورمھر جي مختلف ھنڌن تان چار ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ھو. ٻئي پاسي جروار ٿاڻي تي سرڪاري پاران فريادي اي ايس آءِ شير بوزدار جي فرياد تي هاف فراءِ ٿيل ذوالفقار سومرو سميت ڇهن ڄڻن مٿان پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو آھي باقي جوابدار جنهن ۾ احسان گبول، اختر بوزدار، اشرف عرف عاشق مهر سميت ٻه نامعلوم فرار ٿي ويا.