خانپورمھر ( ن پ ا ) جروار ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور ذوالفقار سومرو جي وارثن سندس گھرواري ڌياڻي خاتون، سس ملوڪان، حفيظ سومرو احتجاج ڪند چيو ته چار ڏينھن پوليس خانپورمھر مان ذوالفقار سومرو کي کڻي ڪوڙي مقابلي ۾ ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو آھي، چئن ڏينھن تائين مختلف ٿاڻن تي چڪر لڳائيندا رھيا سين پر پوليس ڪجهه به نه ٻڌايو، ذوالفقار سومرو جي گھرواري روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته مڙس ڏوھاري ناھي، ڏھاڙي چار سو رپيا ڪمائي پنھنجي گھر جو گذر سفر ڪندو ھو، گھوٽڪي پوليس وڏو ظلم ڪيو آھي، ننڍڙا ٻچا آھن ھاڻي ڪير ڪمائي کارائيندو