قاضي احمد: پرائمري استاد پاران شاگردن کان زور ڏيارڻ واري وڊيو وائرل، استاد معطل

0
491

ڪراچي/قاضي احمد (نمائندن وٽان) قاضي احمد ويجهو پرائمري اسڪول ۾ استاد پاران شاگردن کان زور  ڏيارڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آھي

پرائمري اسڪول عبدالمالڪ راهو ۾ مقرر  استاد الهڏنو بالادي جي ڊيوٽي دوران  زور ڏيارڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز تي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي، پوسٽون شيئر ڪري چيو ويو تھ ھاڻ استاد کي گھر موڪليو وڃي تھ جيئن سڄي عمر آرام ڪري

شاگرد کان زور ڏياريندڙ قاضي احمد جو پرائمري استاد معطل ٿي ويو آھي، قاضي احمد ۾ استاد طرفان شاگرد کان زور ڏيارڻ واري معاملي جو سيڪريٽري تعليم نوٽيس ورتو

سيڪريٽري تعليم نوٽيس وٺندي قاضي احمد پرائمري اسڪول جي استاد الهڏنو بالادي کي معطل ڪري ڇڏيو

سيڪريٽري تعليم پاران استاد کي معطل ڪرڻ بعد ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد وٽ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي